اجواڻي لال سنگهه

اجواڻي لال سنگهه

لالسنگهه اجواڻي

لالسنگهه اجواڻي : سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ تعليمدان لالسنگهه هزاري سنگهه اجواڻي 1899ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو. سنڌ ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد، ڀارت ۾ نئشنل ڪاليج باندرا (بمبئي) مان پرنسپاليءَ تان رٽائر ٿيو. هن مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ تي ڪيترن سالن تائين سنڌي زبان جي نمائندگي ڪئي ۽ سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر رهيو. هي ڪيترن ئي سنڌي ۽ انگريزي ڪتابن جو مصنف هو. “History of Sindhi Literature.” سندس شاهڪار ڪتاب آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، ساهتيه اڪادمي دهليءَ پاران 1970ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ٻيو ڇاپو 1977ع ۾، ٽيون ڇاپو 1990ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي 226 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي چوٿين ڇاپي جي قيمت 80 رپيا آهي. هي ڪتاب ’هندستاني ٻولين جي ادب‘ واري سلسلي جو اٺون ڪتاب آهي، جڏهن ته ان کان اڳ آسامي، بينگالي، ميٿلي، ملايالم، اُڙيا، ڪنڙ ۽ تيليگو زبان جي ادب جون تاريخون اڳئي اداري پاران ڇپجي چڪيون آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ ان جو بڻ بنياد، صوفي ازم ۽ سنڌي طرز زندگي، شاهه عبداللطيف، سچل سرمست، انگريزن کان اڳ جي دور جا ليکڪ، سامي، انگريزي دور جو سنڌي نثر ۽ ڊراما وغيره شامل آهن. اجواڻي صاحب 1976ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ لالسنگهه اجواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.00.00  عيسوي

لالسنگهه اجواڻي سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ تعليمدان لالسنگهه هزاري سنگهه اجواڻي 1899ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو .


1976.00.00  عيسوي

لالسنگهه اجواڻي 1976ع ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسينه معين
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اڪبر لغاري
تيرٿ داس گيلاني سائين
درويش قطب
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
رجب رضا
بيرنگ بادشاهه
جوکيو محبوب علي
حميده قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون